نور محمد عباسي

نور محمد عباسي

عباسي نور محمد نور

عباسي، نور محمد ‘نور’: شاعر، ليکڪ ۽ صحافي نور محمد عباسي، 26 جون 1927ع تي ڀريا شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ حاجي محمد هاشم عباسيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول مان، سنڌي فائنل جو امتحان شهر ڀرسان جلباڻين جي ڳوٺ جي مڪتب مان پاس ڪيائين. بعد ۾ سندس خاندان لڏي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي. 1950ع ۾ اخبارآزاد سنڌ’ جو ايڊيٽر ٿيو. 1950ع کان 1960ع تائين روزاني اخبار ‘عبرت’ جو نمائندو رهيو. روزاني ‘مهراڻ’ لاءِ ‘ڀير تي ڏونڪو’ ۽ ‘عبرت’ لاءِ ‘واٽ ويندي’ جي عنوانن سان زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ڪالم لکندو رهيو. هن 1959ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس لکيل نظم ‘تنهنجو ڇا هل مسافر’، ‘ٻيو مڙئي خير آ’، ‘ڀينگ ٿي وئي آ دلبر’ ۽ ‘هنڌ کٽولو ماڙيءَ تي’ تمام گهڻا مشهور ٿيا. شاعريءَ ۾ ‘نور’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس افسانن جي مجموعي ‘چمڙي جا واپاري ’ سنڌي ادب ۾ وڏي مڃتا ماڻي. آگسٽ 1982ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه نوابشاهه جي قبرستان ۾ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.06.26  عيسوي

نور محمد عباسي، 26 جون 1927ع تي ڀريا شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ حاجي محمد هاشم عباسيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. آگسٽ 1982ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه نوابشاهه جي قبرستان ۾ آهي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خاڪي
خير محمد سوز
زبيده ميتلو
مينگهو فقيرشر
پرسرام ضياء
ڀيرجي ٺڪَر
باغ علي خان خائف
راض محمد خان عاشق
بِنگو گوپانگ
منٺار سولنگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون